آئرش ڪپتان پال اسٽرلنگ آئرلينڊ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ نئون باب رقم ڪري ڇڏيو

Spread the love

ڊبلن (ويب ڊيسڪ) آئرش ڪرڪيٽر پال اسٽرلنگ ملڪي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ نئون باب رقم ڪري ڇڏيو.
اربع ڏينهن آئرلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ڊبلن ۾ کيڏي وئي.
پهرين ون ڊي ۾ ميزبان آئرلينڊ ويسٽ انڊيز کي آئوٽ ڪلاس ڪندي 124 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ميچ ۾ آئرلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن م 303 رنسون اسڪور ڪيون، اينڊريو بلبرني 112 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، هيري ٽيڪٽر 56 ۽ ڪپتان پال اسٽرلنگ 54 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
ميچ ۾ آئرش ڪپتان پال اسٽرلنگ آئرلينڊ لاءِ نئين تاريخ لکي ڇڏي.
پال اسٽرلنگ آئرلينڊ طرفان عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڏهه هزار رنسون اسڪور ڪندڙ پهريون بيٽر بڻجي ويو آهي.
آئرش بيٽر ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ 3656، ٽيسٽ ۾ 382 ۽ ون ڊي ۾ 5979 اسڪور ڪيون آهن، هن مجموعي طور تي ٽنهي فارميٽن ۾ 10 هزار 17 رنسون ٺاهيون آهن.

مَي 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو