سکر ايوان صنعت و تجارت پاران خضدار آرمي پبلڪ اسڪول حملے ۾ شهيدن کي خراجِ تحسين ۽ ڀارتي دهشتگردي جي مذمت

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر ايوان صنعت و تجارت جي صدر محمد خالد ڪاڪزئي، سينيئر نائب صدر اميت ڪمار، نائب صدر ملڪ محمد اويس ريس ۽ ٻين بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ آرمي پبلڪ اسڪول وين تي بم ڌماڪي ۾ ٻارن ۽ نوجوان شاگردن جي شهادت تي سخت ڏک جو اظهار ڪندي شهيدن جي اعليٰ درجات جي دعا ڪئي ۽ وارثن لاءِ صبر جمیل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري ۽ چيو آهي ته جنگ جي ميدان ۾ خراب طريقي سان شڪست کائڻ کان پوءِ ڀارت پنهنجي دهشتگرد رياست جي روش کي قائم رکڻ لاءِ معصوم شاگردن تي بزدلاڻي حملي جي منصوبابندي ڪئي ۽ بلوچستان ۾ موجود پنهنجي ايجنٽن ذريعي ان منصوبي کي انجام ڏنو.
هنن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڪ فوجن سان مقابلو نٿو ڪري سگهي، تنهنڪري پنهنجي پراڪسيز ذريعي انهن جي خاندانن کي نشانو بڻايو آھي پر ڀارت ياد رکي قربانيون ضايع نه وينديون پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ آھي
مَي 21, 2025