ڄامشورو: گوپانگ ڳوٺ ۾ نياڻين جي اسڪول تي قبضي ۽ حملي خلاف استانيئن ۽ شاگردياڻين جو احتجاج

ڄامشورو (رورٽ: محمد وارٽ)جامشورو ضلعي جي ڪوٽڙي سائيٽ واري علائقي جي گوپانگ ڳوٺ ۾ نياڻين جي اسڪول تي قبضي ۽ حملي خلاف استانيئن ۽ شاگردياڻين پاران احتجاج ڪيو ويو.
تفصيل موجب، ڳوٺ گوپانگ ۾ قائم نياڻين جي اسڪول جي پلاٽ تي 2010ع ۾ خاصخيلي برادري پاران قبضو ڪيو ويو هو، جنهن خلاف اسڪول انتظاميه عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو هو، جيڪو انتظاميه جي حق ۾ فيصلو ٿيو. عدالت جي فيصلي بعد اسڪول انتظاميه پلاٽ تي نياڻين لاءِ پلي گرائونڊ ٺاهڻ لاءِ پراڻي ديوار کي ڊاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ته اوچتو خاصخيلي برادري جي عبدالڪريم، غفوري، ظفر، حنيف ۽ ٻين لڳ ڀڳ 25 ماڻهن حملو ڪري ڪم روڪائي ڇڏيو.
ميڊم زبيده گوپانگ پاران مزاحمت تي حملي آورن اسڪول ۾ داخل ٿي ماسترياڻين ۽ معصوم نياڻين کي حراسان ڪيو ۽ کين جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. ميڊيا ٽيم جي پهچڻ تي ميڊم زبيده دانهيندي ٻڌايو ته، “هي پلاٽ منهنجي والد عطيو طور اسڪول لاءِ ڏنو هو، جتان مان پاڻ پڙهي نڪتي آهيان، پر هاڻي خاصخيلي برادري جا ڪجهه ڏوهاري قسم جا ماڻهو اسڪول جي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.”
هن الزام هنيو ته، “انهن ماڻهن کي مقامي ڪائونسلر جي سرپرستي حاصل آهي، جنهن ڪري روزانو اسان کي حراسان ڪيو پيو وڃي.” ميڊم زبيده وس وارن ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي، اسڪول جي ماسترياڻين ۽ نياڻين کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ اسڪول جي پلاٽ تي پلي گرائونڊ ٺاهڻ جي اجازت ڏني وڃي.
مَي 21, 2025