سڪرنڊ: شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ 18هين اڪيڊمڪ ڪائونسل جو اجلاس، تعليمي معيار بهتر بڻائڻ تي زور

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شھيد بينظير آباد جي 18 هين اڪيڊمڪ ڪائونسل جو اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاهه جي صدارت هيٺ يونيورسٽي جي ملٽي پرپز هال ۾ منعقد ٿيو. اجلاس دوران تعليمي پاليسين ۽ اڪيڊمڪ معيارن جي واڌاري بابت مختلف اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ نئين نصاب جي منظوري، داخلا پاليسين ۾ ترميم، تحقيق جي واڌاري، ۽ تدريسي معيارن کي بهتر بڻائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون.

 ان موقعي تي  وائيس چانسلر ڊاڪٽر مدد علي شاهه پنهنجي تقرير ۾ يونيورسٽي جي مجموعي ترقي، شاگردن جي ڀلائي، ۽ عالمي سطح جي تعليمي معيارن کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ھن چيو ته اڪيڊمڪ ڪائونسل جو بنيادي مقصد تعليم جي ميدان ۾ اعليٰ معيار قائم ڪرڻ، تحقيق جي ماحول کي فروغ ڏيڻ ۽ شاگردن لاءِ بهتر سکيا جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي.

ھن اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ رجسٽرار سھيل مشتاق سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري ، پروفيسر ڊاڪٽر سلمان بشير ، پروفيسر محمد افضل ڪمبوہ، مختلف شعبن جي چيئرمينن، سانگھڙ ۽ نوشھرو فيروز ڪئمپسز جا فوڪل پرسن، انتظامي آفيسرن، ايفيلئيٽڊ ڪاليجن جي پرنسپلن ۽ ٻين اڪيڊمڪ ڪائونسل جي ميمبرن چيو ته اڪيڊمڪ ڪائونسل جھڙيون سرگرميون نه رڳو يونيورسٽي جي اندروني پاليسين کي مضبوط ڪن ٿيون، پر شاگردن جي مستقبل کي روشن بڻائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.

مَي 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو