سڪرنڊ: ايپڪا ضلعي اڳواڻن پاران تعلقي سڪرنڊ جي چونڊيل عهديدارن کي گلن جا هار پارائي ڀليڪار

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئشن ضلعي شھيد بينظيرآباد جي عھديدارن ضلعي صدر عرض محمد چانڊيو ۔ جنرل سيڪريٽري الھ بچايو قريشي ۔ عبدالحفیظ جمالي ۔ حاجي مراد علي ملاح ۔ خادم حسين مستوئي ۔ صابر حسين زرداري ۔ اميربخش بڙدي ۽ ٻين پاران آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئشن تعلقي سڪرنڊ جي چونڊيل عھديدارن تعلقي صدر ڌڻي بخش ملاح ۔ جنرل سيڪريٽري علي انور ڪيريو ۔ سيد ثابت علي شاھ ۔ سوڍل خان کوسو ۔ امام بخش سيال ۔ ذوالفقار مگسي ۔ ھارون ڪيريو ۔ سجاد لغاري ۔  گل محمد جمالي ۽ ٻين کي گلن جا ھار پارائي مبارڪون ڏنيون ۔

 ان موقعي تي مٿين اڳوانن خطاب ڪندي چيو ته ڪلرڪن توڙي لوئراسٽاف جا جيڪي به جائز مسئلا ھوندا انھن کي حل ڪرائڻ جي اسان پوري ڪوشش ڪنداسين ھنن چيو ته جيڪڏھن ھن بجيٽ ۾ ملازمن کي رليف نه مليو ته پوري پاڪستان جا ملازم ڪراچي ۽ اسلام آباد  جو رخ ڪندا ۽ پنھنجا جائز مطالبه مڃرائي پوء واپس ايندا ۔

ان موقعي تي ضلعي جي عھديدارن پاران تعلقي سڪرنڊ جي چونڊيل عھديدارن کي  نوٽيفڪيشن پڻ انھن جي حوالي ڪيو ۔ ان موقعي لوئراسٽاف جي سڪرنڊ جي اڳواڻن عزيز لاکو ۔ داد ملاح ۔ شاھد ملاح ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا ۔

مَي 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو