سکر: اسٽيپ فائونڊيشن ضلعي سکر جي نون چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ شاندار تقريب

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ )اسٽيپ فائونڊيشن سنڌ جي ضلعي سکر جي نون چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ پاران خوشي محمد شيخ سکر جي آرٽي ھوٽل ۾ شاندار پروگرام جو احتمام ڪيو ويو ،
جڏھن ته مھمان خاص اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم شائسته بلوچ ۽ مرکزي جنرل سيڪريٽري نصير حسين شاھ جن ھئا،
پروگرام جي صدارت ضلعي سکر جي صدر اعجاز شاھ ،۽ پروگرام جي ڪاروائي جنرل سيڪريٽري غلام مجتبا زنگيجو پڻ ھلائي ،جڏھن ته پروگرام ۾ ضلع سکر جي عھديدار صدراعجازشاھ ،سينيئرنائب صدر خوشي محمد شيخ ،نائب صدر ڪامران بھڻ، جرنل سيڪريٽري غلام مجتبٰی زنگيجو ،جوائنٽ سيڪريٽري ديندار چانڊيو ،پريس سيڪريٽري اشفاق احمد کوسو ،انفارميشن سيڪريٽري ساجد مھر ،مرڪزي اڳواڻ ولي محمد ڀيو ليڊيز اڳواڻ راڻي اعواڻ ۽ ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي ،
جڏھن ته تقريب دوران ميڊم شائسته بلوچ چيو ته ضلعي جي باڊي کي منشور بابت آگاھي ڏيندي چيو ته مونکي يقين آهي ته نئي تنظيم جي باڊي غريب بي سهارا مستحقينن جي بھرپور خدمت ڪندا ۽ ضلعي باڊي جو پهريان تعلقه جي باڊي ۽ پوءِ يوسي جي باڊي پڻ مڪمل ڪندا ،
جڏھن ته نون عهديدارن صدر اعجاز شاھ چيوته مرڪز اسان تي يقين ڪندي ضلعي جي ذميواري ڏني آهي انشاءالله اسان پنهنجي علائقي جي غريب عوام جي ھر ممڪن خدمت ۽ مدد ڪري پنھنجو فرض سمجھي نبائينداسين.
مَي 21, 2025