سکر: ايڊوڪيٽ سيد شفقت علي شاه پاران جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو عهدو ملڻ تي واڌايون

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سياسي سماجي اڳواڻ ايڊوڪيٽ سيد شفقت علي شاه پاران آرمي چيف کي فيلڊ مارشل جو تاريخي عهدو ملڻ تي مبارڪباد ڏني آھي۔مبارڪ باد پيغام ۾ سينيئر سياستدان سماجي اڳواڻ ايڊوڪيٽ سيد شفقت علي شاه، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو معزز عهدو ملڻ تي گرمجوشي سان واڌايون ڏنيون آهن،
سيد شفقت شاه جنرل سيد عاصم منير جي غيرمعمولي اڳواڻي ۽ قوم جي دفاع لاءِ سندس اٽل عزم کي ساراهيندي چيو ته هي ترقي جنرل عاصم منير جي حڪمت عملي، بهادري ۽ پاڪستان جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ ڪامياب ڪوششن جي وڏي سڃاڻپ آهي۔ايڊوڪيٽ سيد شفقت علي شاه قومي مفادن جي تحفظ، علائقائي امن ۽ استحڪام جي واڌاري ۽ داخلي و خارجي خطرن سان مقابلو ڪرڻ ۾ جنرل عاصم منير جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو سندس جي اڳواڻي هيٺ پاڪ فوج مسلسل اعليٰ ڪارڪردگي جو معيار برقرار رکيو آهي،
جنهن پنهنجي پيشوراڻه صلاحيتن ۽ وطن سان محبت جي جذبي سان قوم جو اعتماد ۽ واکاڻ حاصل ڪئي آهي۔ سيد شفقت علي شاھ اميد ظاهر ڪئي ته جنرل عاصم منير جي ترقي پاڪ فوج جي حوصلي کي وڌائيندي ۽ ملڪي سطح تي گڏيل عزم کي هٿي ڏيندي ته جيئن چئلينجن جو گڏجي مقابلو ڪري سگهجي۔ هن وڌيڪ چيو ته قوم پنهنجي مسلح افواج سان ڀرپور بيٺل آهي ۽ سندن خدمت ۽ قربانين لاءِ دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪري ٿي۔
مَي 21, 2025