فلسطين سخت مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي مات ڏئي ويسٽ ايشيا بيس بال چيمپيئن شپ کٽي ورتي

ڪرج (ويب ڊيسڪ) فلسطين دفاعي چيمپيئن پاڪستان کي سخت مقابلي کانپوءِ شخت ڏئي ويسٽ ايشيا بيس بال چيمپيئن شپ کٽي ورتي.
ايران جي شهر ڪرج ۾ ٿيل ويسٽ ايشيا بيس بال چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ فلسطين پاڪستان خلاف پهرين اننگز ۾ هڪ ۽ ٽِين اننگز ۾ ٽي رنسون ٺاهي 0-3 سرسي حاصل ڪئي ۽ پاڪستان تي دٻاءُ وڌو.
چوٿين اننگز ۾ پاڪستان رنسون ٺاهي خسارو گهٽايو، پنجين اننگز جي ٽاپ هاف ۾ پاڪستان وڌيڪ هڪ رنس ٺاهي پر بوٽم ۾ فلسطين رنسن ٺاهي پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪئي.
اٺين اننگز جي پڄاڻي تائين فلسطين کي پاڪستان تي 2-4 جي سرسي حاصل هئي پر نائين اننگز ۾ پاڪستان مقابلو چار-چار تان برابر ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.
نائين اننگز ۾ مقابلو برابر ٿيڻ کانپوءِ ميچ کي فيصلائتو بڻائڻ لاءِ واڌو اننگز کيڏي وئي جنهن ۾ پاڪستان اسڪور نه ڪري سگهيو پر فلسطين رن مڪمل ڪري چيمپيئن شپ پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ان کان اڳ ٽِين پوزيشن جي ميچ ۾ ايارن ڀارت کي شڪست ڏني هئي.