دادو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، نائين ڪلاس جو شاگرد قتل، زميني تڪرار سبب واقعو پيش آيو آهي، پوليس

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي )  دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگرد حياتي وڃائي ويٺو. تفصيل موجب، چانڊيه برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان ڇڪتاڻ هلي رهي هئي، جنهن دوران نامعلوم هٿياربندن دادو مورو روڊ دوداڻي شاخ ڀرسان فائرنگ ڪري 12 سالا نينگر بلاول پٽ بچل چانڊيو کي شديد زخمي ڪري وڌو. کيس فوري طور تي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو،

 جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو،اي سيڪشن پوليس انسپيڪٽر نور مصطفي پٺاڻ موجب واقعي جو ڪارڻ پراڻو زميني تڪرار ٿي سگهي ٿو، جنهن جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ جلد گرفتارين جون اميدون آهن

 نينگر بلاول جي ناگهاني موت سبب علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته وارثن ۽ علائقي واسين پاران جلد انصاف جي گهر ڪئي وئي آهي لاش ايمرجنسي وارڊ مان پوسٽ مارٽم لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو، قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته وارثن جو موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي،

مَي 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو