ملير ۾ حادثن جو سلسلو: نينگري سميت 4 فوت، 15 زخمي، ويل چيئر تي سوار معذور کي ڊمپر چيڀاٽي ڇڏيو، ڀينس ڪالوني وٽ لاش هٿ

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ملیر ۾ حادثن ۽ واقعن ۾ نينگري سميت 4 ڄڻا فوت، ڪاٺوڙ لڳ ڊمپر ۽ وين جي ٽڪر ۾ نينگري سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 15 ڄڻا زخمي ، گلشن حديد موڙ لڳ ويل چيئر تي سوار معذور کي ڊمپر چيڀاٽي ڇڏيو، ڀينس ڪالوني لڳ هڪ ڄڻي جو لاش هٿ ، تفصيل موجب ملیر جي مختلف علائقن ڪاٺور ، گلشن حدید موڙ ۽ ڀينس ڪالوني وٽ حادثن ۽ واقعن ۾ نينگري سمیت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن
ان حوالي سان ڪاٺوڙ ويجهو ڊمپر ۽ وین وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ نينگري اینجل ڌي فتو خان ۽ 60 ورهين جو فاروق پٽ عبد الستار فوت ٿي ويا جڏهن ته فرقان، خوشي، حسن، زرینہ، اللھ بخش، ڪنگزٽن، آڪایہ، ھارون ۽ دلبر سمیت 15 ڄڻا زخمي ٿي ويا جن کي فوري طور پر جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو
ٻئي طرف گلشن حديد موڙ پمپ وٽ ويل چيئر تي رستو ڪراس ڪندڙ نامعلوم معزرو کي تيز رفتار ڊمپر چيڀاٽي ماري ڇڏيو جنهن بعد ڊرائيور فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٽريفڪ پوليس ۽ موجود ماڻهن گاڏين ذريعي ڊمپر کي گهيري ۾ آڻي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو مڇريل ماڻهن ڊمپر جا شيشا ڀڃي ڇڏيا هوڏانهن ڀينس ڪالوني ڦاٽڪ ويجهو هڪ نامعلوم همراھ جو لاش هٿ آيو آهي.
مَي 20, 2025