زبير نوناري جو وڇوڙو: سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري دل جو دورو پوڻ سبب لاڏڻو ڪري ويو

ملير(ذوالفقار علي نصيراڻي) سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري دل جو دورو پوڻ سبب لاڏڻو ڪري ويو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن سنڌي مزدور تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ پورهيتن جي جنازي ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت، ملير جي مقامي قبرستان ۾ قومي گيتن ڪئنال نامنظور جي نعرن ۽ سرخ سلام جون صدائون بلند ڪري مٽي ماءُ حوالي، زبير نوناري سجاڳ ٻار تحريڪ کان وٺي
سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي عهدي تائين اڻ ورچ جدوجهد ڪئي نور احمد ڪاتيار، حاجي خان سمون، پرھ سومرو، خالد تنيو ڪامريڊ علي محمد ڪلمتي ۽ ٻين طرفان زبردست ڀيٽا پيش تفصيل موجب سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري گذريل ڏينهن پپري ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏڻو ڪري ويو کيس رات جو 3وڳي سيني ۾ سور پيو کيس فوري طور جناح اسپتال نيو ويو پر هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو اطلاع تي وڏي تعداد ۾ عوامي تحريڪ سنڌي مزدور تحريڪ سنڌياڻي تحريڪ سجاگ ٻار تحريڪ ۽ ٻين محاذن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪنن پهچي ويا
سندس جنازي نماز ماروئي ڳوٺ گرين سٽي ۾ ادا ڪئي وئي جنهن عوامي تحريڪ جوسينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي صدر حاجي خان سمون، عوامي تحريڪ ضلع ملير جي صدر پرھ سومرو خالد تنيو امر مگسي ستار گوپانگ اقبال جروار سجاڳ ٻار تحريڪ جو مرڪزي صدر فاضل کوسو ۽ ٻيا ڪلهي ڪانڌي ٿيا زبير نوناري جي مڙھ کي قذافي ٽائون جي قبرستان ۾ قومي گيتن ڪئنال نامنظور جي نعرن ۽ سرخ سلام جي صدائون جي زريعي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو
ان موقعي تي اڳواڻن زبير نوناري کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته زبير نوناري سجاڳ ٻار تحريڪ کان وٺي سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي عهدي تائين اڻ ورچ جدوجهد ڪئي سندس وڇوڙي سان وڏو خال پيدا ٿيو آھي زبير نوناري پنهنجي پارٽي نظريي سان آخري وقت تائين نڀايو.
مَي 20, 2025