سوڀوديرو ۾ کلي ڪھچري: ايس ايس پي خيرپور عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پرعزم

Spread the love

سوڀوديرو (رپورٽ: ميرخان منڱڻيجو)  سوڀوديرو اڄ ايس ايس پي خيرپور حسن سردار احمد  نيازي صاحب جي حڪم تي ڊي ايس پي سوڀوديرو سيد ضمير حسين شاھ بخاري ، ايس ايڇ او سوڀوديرو يارمحمد ڀيو پاران سوڀوديرو ٿاڻي تي کلي ڪھچري جو پروگرام منعقد ڪيو ويو

کلي ڪھچري ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن ، نوجوانن ، پيرسن ، معززن ماڻھن شرڪت ڪئي کلي ڪھچري ۾ ايس ايس پي خيرپور اڳيان نوجوانن ، عورتن ، پيرسن پاران مختلف ٿاڻن جي حدن مان چورين ، موٽرسائيڪلن چورين ڦرن ، زمينن پلاٽن تي قبضا ، پئسن جي شڪايتن ۽ ٻين مسئلن جا انبار لڳائي ڇڏيا  ايس ايس پي صاحب موقعي تي ڊي ايس پي سوڀوديرو ۽ ٻين واسطيندار پوليس آفيسرن کي مسئلو حل ڪري رپورٽ ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا ڪجھ مسئلا پاڻ حل ڪرڻ لاء ڌرين کي پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو کلي ڪھچري ختم ٿيڻ بعد  ايس ايس پي صاحب سوڀوديرو جي  صحافين سان  ڳالھائيندي چيو تہ منھنجو کلي ڪھچري جو مقصد عوام جا جائز مسئلن کي حل ڪرائڻ آھي

 جيئن عوام  جو اعتماد بحال ٿئي ايس ايس پي صاحب چيو تہ جنھن جو بہ جائز مسئلو آھي حل ٿئي ٿو ان ۾ پوليس جي ساک بھتر ٿيندي  انشاالله مان ڀرپور ڪوشش ڪندس عوام جا  مسئلا حل ڪيا.

مَي 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو