شاھ لطيف ٽائون ۾ 15 ڏينهن کان بجلي بندش خلاف عوام جو ڪي اليڪٽرڪ آفيس اڳيان ڌرڻو ۽ سخت احتجاج

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) شاهه لطيف ٽائون ۾ 15 ڏينهن کان بجلي بند، علائقي واسين جو جوڳي موڙ تي ڪي اليڪٽرڪ آفيس اڳيان ڌرڻو، سخت نعريبازي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا آفيس کي تالو هڻي ڇڏيو،
پوليس پهچي وئي، ڪي اليڪٽرڪ جا ستايل ماڻهو آفيس اڳيان ٽينٽ هڻي ويهي رهيا، جيستائين بجلي بحال نه ٿيندي ڌرڻو جاري رهندو، عوام تفصيل موجب شاھ لطيف ٽائون ۾ 15 ڏينهن کان بجليءَ جي بندش خلاف علائقي واسين پاران شاھ لطيف ٽائون کان ريلي ڪڍي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو
جوڳي موڙ تي قائم ڪي اليڪٽرڪ آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا پوليس گهرائي ورتي ۽ آفيس کي تالو هڻي ڇڏيو ان موقعي تي علائقي واسين ٻڌايو ته 15 ڏينهن کان بجلي بند ڪئي وئي آهي لکين ماڻهو قهر جي گرمي ۾ بجليءَ کان محروم آهن ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ظلم زيادتي جي انتها ڪري ڇڏي آهي،
بجلي نه هجڻ ڪري ڪاروبار تباھ ٿي ويو آهي پيئڻ جي پاڻي جو سنگين بحران پيدا ٿي ويو آهي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا احتجاج جي باوجود بجلي بحال ناهي ڪئي، احتجاج ڪندڙ آفيس جي اڳيان ٽينٽ هڻي ويهي رهيا هنن مطالبو ڪيو ته جيستائين بجلي بحال نه ٿيندي ڪي اليڪٽرڪ آفيس اڳيان ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو.
مَي 20, 2025