معذور نوجوان علي احمد تي قبضا ۽ ظلم، انصاف لاءِ مدد جي اپيل

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ريڙهي لڳ بختاور ڳوٺ جو جسماني طور معذور پورهيت علي احمد ڪاتيارجيڪو ننڍ پڻ کان بيمار ٿي جسم جي هيٺين ڌڙ کان معزور ٿي ٿيل آهي پر هن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ مجبور بي وس لاچار ٿيڻ نه ڏنو آهي پنهنجو ۽ پهنجي پوڙهي امڙ جو پيٽ پالڻ لاءَ ڪڏهن به ماڻهن اڳيان هٿ نه ٽنگيو آهي هن پاڻ کي کڻائي دڪان تي ويهي ڪاروبار ڪري ٿو ،علي احمد ڪاتيار هن بي حس سماج ۾ انهن نوجوانن لاءِ اتساھ بڻيل آهي
جيڪي بي همٿ ۽ مايوسي جي ور چڙهي گهرن ۾ بيڪار پيل آهن ۽ نشو ڪري يا ڏوهاري سرگرمين جي ورچڙهي مائيٽن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي رهيا آهن ،هن معذور نوجوان جي زندگي جو سربستو احوال وٺڻ لاءِ جڏهن عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافين جي ٽيم سندس گهر پهتي ته هو اطلاع تي پاڻ کڻي گهر پهتو ۽ صحافين کي ڀليڪار ڪري سنڌي سماج جي پراڻي ميزباني جي روايت کي ادا ڪيو
ان موقعي تي پنهنجي زندگي،ڏکن سکن ۽ مسئلن تي مختلف سوالن جي جواب ڏيندي هن جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون سندس چوڻ هو ته هاڻ سندس عمر 45 سال ٿي ويئي آهي معذوري سبب سندس شادي نه ٿي سگهي آهي هن پنهنجي جمع پونجي مان بختاور ڳوٺ ننڍڙو پلاٽ وٺي ننڍڙو گهر ٺهرائي پنهنجي امڙ سان گڏ باقي بچيل زندگي جا ڏينهن گذاري رهيو آهي پر قبضا گير ظالم بااثر ماڻهو کيس پنهنجي قانوني گهر ۾ رهڻ نٿا ڏين هن چيو ته هڪ ٽائون جي چيئرمين جو ويجهو رشتيدار عبدالرحمان ۽ سندس ٽولو ڳوٺ جو دادا آهي
ماڻهن جي گهرن توڙي پلاٽن تي زوري قبضا ڪري ٿو ايسيتائين جو هن مون جڏي معذور جي گهر تي به قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سندس هٿياربند منهنجي گهر ۾ گهڙي آيا مون کي ۽ منهنجي امڙ کي تشدد جو نشاڻُ بڻائي زوري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڀلو ٿئي عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافين ۽ سماجي اڳوڻ عيسي ڪاتيار جو جن منهنجي مدد ڪئي
هن ٻڌايو ته سڪڻ ٿاڻي فريادي ٿي پهتي پر پوليس منهنجو ڪيس داخل نه ڪيو ملير ڪورٽ مان ڪيس داخل ڪرڻ جو آرڊر به وٺي آيس پر پوليس ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٿاڻي ٻاهران وهاري اهو چئي موٽائي ڇڏيو ته وڃي ٽائون چيئرمين سان ٺاھ ڪر ڪيس داخل نه ڪنداسين ، سندس چوڻ هو ته هو اسلام آباد راولپنڊي به ويو پر کيس اصف زداري سان ملڻ نه ڏنو ويو جتي منهنجي ملاقت سينيٽر بابر اعوڻ سان ٿي جنهن منهنجي ايتري مدد ڪئي ته هن پيپلز پارٽي جي اڳوڻن کي فون ڪيا هن وقت به اهي بااثر مون کي گهر خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن
هن پاڻ سوال اٿاريو ته جيڪڏهن مون معزور سان اهڙو ظلم آهي ته اهي عام ماڻهن ڇا نه ڪندا هوندا هن صدر مملڪت آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير آئي سنڌ ايس ايس پي ملير سميت مليير مان چونڊيل انساني حقن جي تنظيمن جي نمائندن کي مدد جي اپيل ڪئي.
مَي 20, 2025