سڪرنڊ: موٽر وي پوليس ۽ سي ڊي ايف اسڪول پاران پاڪستان فوج جي شاندار ڪاميابي تي جذباتي ريلي

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪمار اوڏ ) موٽر وي پوليس سيڪٽر-II سڪرنڊ جي سيڪٽر ڪمانڊر تيمور خان ۽ سي ڊي ايف جي پرنسپل عبدالحميد آرائين جي اڳواڻي ۾ هڪ پرجوش ريلي ڪڍي وئي.
جنهن ۾ سي ڊي ايف اسڪول سڪرنڊ جي استادن، شاگردن ۽ سول سوسائٽي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن پنهنجن هٿن ۾ قومي جهنڊو بلند ڪيو ۽ ملڪ سان محبت جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان فوج جي بهادري، قربانين ۽ وطن جي دفاع لاءِ ڪوششن تي شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي، موٽر وي پوليس سڪرنڊ ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستان جي فوج جي شاندار ڪاميابي تي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو.
آءِ جي موٽر وي پوليس بي اي ناصر، ايڊيشنل آءِ جي منير شيخ ۽ ڊي آءِ جي اصغر علي يوسفزئي سي ڊي ايف عبدالحميد آرائين پنهنجن پيغامن ۾ چيو آهي ته موٽر وي پوليس بنيان مرس جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿي. سيڪٽر ڪمانڊر تيمور خان چيو ته دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پوري قوم بهتري جو ڪردار ادا ڪيو.
مَي 20, 2025