سکر: ڪنڍي فارم سيمن پراڊڪشن يونٽ ڪرپشن جي ور چڙهي ويو، جانورن لاءِ دوائون ۽ خوراڪ غائب، آفيسر ڊاڪٽر مختيار نوناري تي سنگين الزام

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سنڌ حڪومت پاران روهڙي ۾ قائم ڪنڍي فارم اندر سيمن پراڊڪشن يونٽ ڪنڍي

بڦيلو بريڊ اپرومينٽ سينٽر ڪرپشن جي ورچڙهي ويو۔ سالانه ڪروڙين روپيا بجيٽ هوندي به سرڪاري جانور سڪو بهن ۽ پلال کائي رهيا آهن۔ جنهن ڪري جانور (سانَ) ڪمزور ٿي ويا آهن ۽ ٻج ڏيڻ جي لائق ناهن رهيا۔

ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪرپشن جي ماهر آفيسرن پاران ريسرچ ۾ دلچسپي نه هجڻ سبب ريسرچ پروجيڪٽن لاء فنڊز ملڻ باوجود اصل تحقيقات نٿي ڪئي وڃي۔

 جڏهن ته سيمن پراڊڪشن يونٽ کي مال غنيمت سمجهي کائي تباھ ڪندڙ آفيسر ڊاڪٽر مختيار نوناري ڊيوٽي ٽائيم تي پنهنجي آفيس ۾ سينٽر تي ويهي ڪم ڪري رزق حلال ڪمائڻ بدران روهڙي جي اڇيون قبيون واري علائقي سميت سکر ۾ جانورن جون دوائون وڪرو ڪندڙ اسٽورن تي لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبينڊري جون سرڪاري دوائون وڪرو ڪرڻ لاء سپلائي ڪرڻ ۾ مصروف رهي ٿو۔

جنهن ڪري هو آفيس ۾ ناهي ويهندو۔ سياسي اثررسوخ رکندڙ ڪرپشن جي ماهر ڊاڪٽر وڏي ديده دليري سان جانورن جي خوراڪ ۽ دوائن ۾ ڪرپشن ڪري پنهنجو ڀڀ ڀرڻ سميت سينٽر تي مقرر هيٺين ملازمن ۽ کاتي جي اعلا آفيسرن کي به ڪرپشن وارن ڏوڪڙن مان حصو پتي ڏئي کين جي اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي آهي ته جيئن هو چپ رهن۔ جڏهن ته آڊٽ آفيسرن کي به ڪوڙا ڪاغذ ڏيکاري لولي پاپ ڏيڻ جي به مهارت رکي ٿو۔ جنهن ڪري ٿيندڙ ڪرپشن سبب سيمن پراجيڪٽ يونٽ ڪنڊي بڦيلو بريڊ اپرومينٽ سينٽر هن وقت تباھ حال ۽ بي فائده بڻيل آهي۔

مقامي فارمرز ۽ مالوند ماڻهن پاران صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبينڊري۔ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبينڊري۔ اينٽي ڪرپشن ۽ نيب سکر کي اپيل ڪئي آهي ته ڪرپشن ڪندڙ آفيسر خلاف سخت ڪاروائي ڪري منعافي بخش اداري کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

مَي 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو