سکر: گورنمينٽ الفلاح هاءِ اسڪول ۾ پاڪستاني فوج جي فتح جي خوشي ۾ شاندار پروگرا

سکر ( رپورٽ :امداد گل ڪلوڙ) گورنمينٽ (ن) الفلاح هاءِ اسڪول سکر ۾ پاڪستان جي مسلح افواج جي هٿان ڀارتي فوج جي عبرتناڪ شڪست ۽ پاڪستان جي فتح جي خوشي ۾ هڪ شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو۔
جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن قومي نغما، ٽيبلو ۽ تقريرن ذريعي نائين ۽ ڏهين مئي جي وچ واري رات، ڀارت جي ناڪامي ۽ ان جي فضائي اڏي سميت ٻين اهم فوجي تنصيبات جي تباهي جا منظر پنهنجن پنهنجن اندازن ۾ پيش ڪيا، جنهن تي شرڪاءَ دل کولي داد ڏني۔شاگردن ٽيبلوز جي ذريعي ڀارتي فضائيه، ايئربيسن ۽ ميزائل ڊپوئن جي پاڪستاني فضائيه ۽ بري فوج جي هٿان تباهي جا منظر اهڙيءَ ريت پيش ڪيا، ڄڻ ته سڀ ڪجهه انهن جي سامهون ٿي رهيو هجي۔
شاگردن پنهنجي تقريرن ۾ پاڪستان جي بري، بحري ۽ فضائي فوجن جي بهادرانه حڪمت عملي کي ڀيٽا پيش ڪئي، ۽ خاص طور تي سپه سالار سيد عاصم منير ۽ ظهير احمد بابر جي بردباري، پيشه ورانه صلاحيتن ۽ قيادتي هنر جي واکاڻ ڪئي۔ هڪ شاگرد چيو: “تمهاري مٽي جو ذرو ذرو گواهي ڏيندو ته تم بيٺا هئا،
ايندڙ سڀني نسلن کي خبر هوندي ته تم بيٺا هيئا۔” جنهن تي شرڪاءَ “پاڪ فوج زنده باد، پاڪستان زنده باد” جا فلڪ شگاف نعرا هنيا۔پروگرام جي صدارت اسڪول جي هيڊ ماسٽر غلام اڪبر شيخ ڪئي، جنهن پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي مسلح افواج، خاص ڪري فضائيه جي پيشه ورانه صلاحيتن ۽ بري فوج جي دشمن تي لڳايل ڪاري ضربن جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان جي بهادر فوجن دشمن کي اهڙيءَ ريت منهن ڏنو، جو ڀارت جو اهو خواب ته هو رات جي انڌاري ۾ چور وانگر حملو ڪري منهنجي پاڪ ڌرتي تي قبضو ڪري وٺندو،
مڪمل طور تي چڪناچور ٿي ويو۔ هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي بزدل فوج کي اهڙي شڪست ملي، جنهن جا زخم ايندڙ نسلون به ياد رکنديون ۽ انهن کي چاٽنديون رهنديون۔پروگرام ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ حمنا نور، ام حبيبه، سمائل ۽ ٻيا شامل هئا۔
جڏهن ته پنهنجي جذبات جو اظهار ڪندڙ استادن ۾ صدرا ناز ڀٽي، سحر ارم ڀٽي، عبدالوحيد قريشي، محمد عمر خان، نديم احمد قريشي، نجيب الرحمان، ثناءُ الله پنهور، عطاُ الله شاهه، ايليشيا، ممتاز علي شاهه شامل هئا۔ پروگرام جي آخر ۾ ملڪ پاڪستان جي سلامتي، شهيدن ۽ غازين جي لاءِ دعا گهري وئي۔
مَي 20, 2025