ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر جي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ تي سندس خدمتون جاري رکڻ جو فيصلو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا آپريشن بنيان مرصوص ۾ دشمن کي شڪست ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ تي سندس خدمتون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.
پڌرائي موجب وفاقي ڪابينا جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته ايئر چيف مارسل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ تي سندس خدمتون جاري رکڻ جو به گڏيل فيصلو ڪيو ويو.
ڀارت خلاف آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪ فضائيا ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي قيادت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
واضح رهي ته پاڪ فضائيا جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو فور اسٽار ايئر فورس آفيسر ۽ پاڪستان جو 16هون چيف آف ايئر اسٽاف آهي، هن 19 مارچ 2021 ۾ ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ فضائيا جي ڪمان سنڀالي هئي.

مَي 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو