فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ماڻڻ کانپوءِ آرمي چيف جو پهريون بيان سامهون اچي ويو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته فيلڊ مارشل جو اعزاز ملڻ تي مان الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهيان.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، وفاقي ڪابينا پاران جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري جي حوالي سان فيلڊ مارشل عاصم منير جو چوڻ آهي ته هي اعزاز سڄي قوم، پاڪ فوج، ۽ خاص طور تي سول ۽ ملٽري شهيدن ۽ غازين جي نالي ڪريان ٿو.
سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي ڪابينا جي اعتماد جو ٿورائتو آهيان.
فيلڊ مارشل عاصم منير وڌيڪ چيو ته هي اعزاز رڳو ڪنهن هڪ فرد لاءِ نه پر پاڪ فوج ۽ سڄي قوم جو اعزاز آهي، جيڪو قوم جي امانت آهي ۽ ان امانت کي نڀائڻ لاءِ لکين عاصم قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهن.

مَي 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو