” چين پاڪستان جو فولادي ڀاءُ آهي“ نائب وزيراعظم سان چيني قيادت جي ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

Spread the love

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان چيني ڪميونسٽ پارٽي جي وزير لِيو جيان چائو وفد سميت ملاقات ڪئي.
بيجنگ ۾ ٿيل ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي وزير لِيو جيان چائو سياسي پارٽين جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
چيني وزير سان ملاقات ۾ اسحاق ڊار پاڪستان جي خودمختياري ۽ بنيادي مفادن تي چين جي حمايت کي ساراهيو.
ان موقعي تي لِيو جيان چائو چيو ته چين پاڪستان جو آئرن ڀاءُ آهي ۽ پاڪستان سان لاڳاپن کي ترجيح ڏئي ٿو.
اختيارين موجب، اسحاق ڊار اڄ پنهنجي چيني هم منصب سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ تازو پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن ۾ ملاقات ٿيندي.

مَي 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو