حڪومت آرمي چيف کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت آرمي چيف جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.
جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، وفاقي ڪابينا آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير (نشان امتياز ملٽري) کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
جنرل عاصم منير کي آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي اعليٰ حڪمت عملي ۽ دشمن کي شڪست ڏيڻ تي فيلڊ مارشل جو عهدو ڏنو ويو.
پڌرائي موجب، ايئر چيف مارشل ظهير بابر سڌو جي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ باوجود سندس خدمتون جاري رکڻ بابت به متفقه فيصلو ڪيو ويو آهي.

مَي 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو