الله کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ پاڻ تي ڀاڙيون ٿا، اڄ قوم گهٽي گهٽي ۾ امن جو جشن ملهائي رهي آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري اسلام آباد اسان الله تعاليٰ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ پنهنجو پاڻ تي ڀاڙيون ٿا، پاڪستاني قوم نه ڪڏهن جهڪي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن جهڪندي.
چيني ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان لاءِ سڀ کان اهم شيءَ ان جي طاقت ۽ عزم آهي، جڏهن اسان جو ارادو مضبوط هوندو ته عالمي برادري به پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
هن چيو ته هن وقت دنيا جا سڀ ملڪ وڏن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ماحولياتي تبديلي، وڌندڙ آبادي ۽ انساني ترقي اهم چئلينج بڻيل آهن، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو ملڪ بنا سبب، ڪوڙو بيانيو گهڙي ثبوت کانسواءِ ٻئي ملڪ تي حملو ڪندو ته اِهو قبول نه ڪيو ويندو.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته پاڪستان سدائين امن کي ترجيح ڏني آهي، اسان جي ترجيح به امن آهي ۽ پاڪستان جون گهٽيون به اڄ امن جي خوشبوءَ سان واسيل آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪوششون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان دهشتگردي جهڙي لعنت خلاف ويڙهه وڙهي رهيو آهي، دهشتگردن جو مقصد ئي ترقيءَ کي روڪڻ آهي.
هن چيو ته پاڪستاني عوام ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن وڌڻ چاهي ٿو، چين جي مختصر عرصي ۾ ڪيل ترقي سڄي دنيا لاءِ مثال آهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته عوام، فوج ۽ سڀئي قومي ادارا گڏيل سگهه سان ملڪ کي دهشتگردي کان بچائي ترقي ڏانهن وٺي ويندا ۽ جلد سڄو ملڪ ترقيءَ جون منزلون طئي لڪندو.

مَي 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو