سڪرنڊ ۾ ضلعي جي کاتن جي عملدارن جو تعارفي اجلاس، عوامي ڀلائي لاءِ اهم هدايتون جاري
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت ھيٺ ضلع جي سمورن کاتن جي عملدارن جو تعارفي اجلاس اڄ ڊي سي آفيس جي درٻار ھال ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ ڊائريڪٽر انفارميشن محمد موسي گوندل، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حسان ظفر،ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر حبيب الرحمن آرائين، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڏاھري سميت تعليم، پاپوليشن، زراعت، سوشل ويلفيئر، پبلڪ هيلٿ، لائيو اسٽاڪ سميت ٻين کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئ
ي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي سمورن کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ ضلع جي عوام کي ريليف فراھم ڪرڻ لاءَ ھر ممڪن قدم کنيا وڃن ھن کين اھا پڻ ھدايت ڪئي تہ ضلع ۾ تعليم، صحت، پئيڻ جي پاڻي، ڊرينيج سميت عوامي ڀلائي جي ٻين منصوبن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ عوام کي صحت جون بھتر طبي سھولتون فراھم ڪرڻ لاءَ ضلع جي سمورن صحت مرڪزن ۾ دوائن جي دستيابي، ڊاڪٽرن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي ھن تعليم کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ گرمي جي موسم کي نظر ۾ رکندي ٻارن کي گرمي کان بچاءَ لاءِ اسڪولن جو ٽائيم تبديل ڪيو وڃي
جڏھن ته اسڪولن ۾ پئيڻ جي ٿڌي پاڻي جو پڻ بندوبست ڪيو وڃي ڊپٽي ڪمشنر زراعت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ بينظير ھاري ڪارڊ جي سلسلي کي تيز ڪيو وڃي تہ جئين آبادگارن کي ريليف فراھم ڪري سگھجي
ڊپٽي ڪمشنر ٻيلي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ ھو ضلع جي مختلف روڊن جي ٻنھي پاسن کان ٻوٽا لڳائين جڏھن ته ٻيلي کي لڳندڙ باھ کي روڪڻ لاءِ قدم کڻن ڊپٽي ڪمشنر ايل بي او ڊي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ مون سون جي برساتن کان اڳ سمورن سم نالن جي صفائي واري ڪم کي يقيني بڻايو وڃي ان موقعي تي ضلع جي سمورن کاتن جي عملدارن پاران پنھنجي پنھنجي کاتي جي ڪم بابت ڊپٽي ڪمشنر کي آگاھي ڏني وئي.
مَي 19, 2025