دادو: چانڊيا ڪالوني مان مبينا طور شادي شده ناري اغوا، والد  پريشان

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد چانڊيا ڪالوني مان پراسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان 30 سالا شادي شده ناري رخسانه زال گلزار سولنگي جي اغوا ٿيڻ جو واقعو سامهون آيو آهي، جنهن بعد علائقي ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي،

 اغوا ٿيل ناري رخسانه سولنگي جي پيءُ حمزه علي سولنگي پاران اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر گناھ نمبر 148/2025 مطابق سندس ڌيءَ شادي شده آهي ۽ علائقي جي هڪ سلائي سينٽر تي ڪم ڪندي هئي ناري جي پيءُ جو چوڻ آهي ته ڌيءَ رخسانه کي 11مئي تي گهران فون ڪال ذريعي سينٽر تي اچڻ لاءِ چيو ويو،

جنهن کان پوءِ هوءَ اڃا تائين واپس گهر ناهي موٽي سگهي حمزه علي سولنگي جو چوڻ آهي ته کيس شڪ آهي ته سندس ڌيءَ کي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ جوابدار زنا جي نيت سان اغوا ڪري ويا آهن،

جاچ ڪئي وڃي ته جيئن منهنجي ڌيءَ جو مستقبل داءَ تي نه لڳي، والد پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ، فوري طور نياڻي جي بازيابي ۽ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي، پوليس طرفان واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته علائقي واسين پاران به اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته معاملي جي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ بعد متاثر خاندان سان انصاف ڪيو وڃي.

مَي 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو