دادو ۾ پير الاهي بخش لاڪاليج پاران پاڪ فوج جي “يومِ تشڪر” ۽ “آپريشن بنيان مرصوص” جي حمايت ۾ ريلي

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ملڪ جيان پير الاهي بخش لاڪاليج دادو ۾  پاڪ فوج جي “يومِ تشڪر” ۽ “آپريشن بنيان مرصوص” جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي،

ريلي  لا ڪاليج جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ عملي شرڪت ڪئي، ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعرا هنيا ويا،پاڪ فوج زنده آباد مودي مرده باد، ريلي جي اڳواڻي پرنسيپال شفيع محمد ميمڻ، ايڊووڪيٽ زيبا وگھيو ڪئي، اڳواڻن چيو ته اسان هميشه پاڪ فوج سان گڏ آهيون،

 پنهنجو مال ۽ جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، سنڌ جي عوام هميشه پاڪ آرمي سان گڏ آهي  پاڪستان هميشه امن جو حامي رهيو آهي، ڪڏهن به جنگ نٿو چاهي، پر ملڪ جي سالميت ۽ خودمختياري جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو،

آخر ۾ هنن قوم تي زور ڀريو ته هو اتحاد، اتفاق ۽ هم آهنگي سان ملڪ جي مفادن کي اوليت ڏين ۽ دعا ڪن ته پاڪستان هميشه امن، ترقي ۽ استحڪام جي راهه تي گامزن رهي.

مَي 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو