سکر: پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو شبنم لغاري ۽ سعيد ٻرڙو تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهتو
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)دادو سان تعلق رکندڙ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو، شبنم لغاري ۽ سعيد ٻرڙو تحفظ لاءِ سکر پريس ڪلب پهچي ويو.
جوڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هنن مرضي سان پسند جي شادي ڪئي آھي جنهن کان پوءِ شبنم لغاري جي مائٽن طرفان کين قتل جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.شبنم لغاري ٻڌايو ته سندس پهرين شادي وسيم احمد لغاري سان ٿي هئي،
جنهن کان ٻه سال اڳ طلاق ڏني آھي. طلاق کان پوءِ هوءَ پنهنجي والدين وٽ رهندي هئي جتي سندس ملاقات سعيد احمد ٻرڙو سان ٿي جنهن بعد سکر جي جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي آھي .شبنم جو چوڻ هو ته شادي بعد سندس اڳوڻو مڙس وسيم لغاري ۽ ان جا ڀائر صدام، اسد، زبير ۽ ٻيا سخت ناراض ٿي ويا آهن ۽ کيس ۽ سندس مڙس سعيد ٻرڙو کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.
جنهن سبب اسان جي حياتن کي خطرو آھي شبنم لغاري آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اڳوڻي مڙس سميت ٻين خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
مَي 19, 2025