سڪرنڊ: ڊگري ڪاليج جي شاگردن ۾ جهيڙو، ٽي زخمي، اسپتال ۾ به ڇڪتاڻ، پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آندو
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ بوائز ڊگري ڪاليج جي شاگردن جي ٻن گروپن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو. نتيجي ۾ ٽي ماڻهو زخمي ٿي پيا زخمي آفتاب احمد ولد سجاد علي پرهياڙ
کي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو. جتي سندس علاج ڪيو ويو.
جهيڙي بعد شاگردن جو وڏو انگ اسپتال ۾ پھچي ويو جتي پڻ ھڪ ٻئي جي مٿان لين جو وسڪارو ڪري ڏنو اسپتال م موجود عورتن مردن ٻارڙن مريضن ۾ دانهون پئجي ويون
سڪرنڊ پوليس پهچي شاگردن کي ڇڙ وڇڙ ڪري جھيڙو ختم ڪرايو ويو.
مَي 19, 2025