سکر: درجنين فلٽر پلانٽ بند، شهرين صاف پيئڻ جي پاڻي کان محروم

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر شهر جي مختلف علائقن ۾ قائم ڪيل درجنين فلٽر پلانٽ بند، عوام صاف پيئڻ جي پاڻي کان محروم، شهري ۽ سماجي حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر، چيف جسٽس آف سنڌ هائي ڪورٽ سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو۔ان سلسلي ۾ سکر انتظاميه، چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي، ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب سنڌ جي ٽئين وڏي شھر سکر جي 27 لک کان وڌيڪ آبادي اڄ به صاف پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهي.

 شهرين کي سنڌو  درياھ مان واٽر ورڪس ذريعي جيڪو پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي اهو به آلودگي ۽ بدبوءَ سان ڀريل آهي جيڪو انساني صحت لاءِ نهايت نقصانڪار آهي. اهڙي پاڻي جي استعمال سان گيسٽرو سميت پيٽ جون ٻيون بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن.ڪجهه سال اڳ سکر شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ وڏي رقم خرچ ڪري فلٽر پلانٽ لڳايا ويا هئا، جيڪي هاڻي مڪمل طور تي ناڪارا ۽ بند پيل آهن.

حڪومت ۽ انتظاميه جي ٿوري توجهه ۽ سنجيدگي سان اهي فلٽر پلانٽ ٻيهر هلائي سگهجن ٿا، جنهن سان عوام خاص ڪري غريب ماڻهن کي صاف پيئڻ جو پاڻي خريدڻ جي تڪليف کان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو.سابق ضلعي حڪومت ۽ بلدياتي دور ۾ تعمير ڪيل اهي فلٽر پلانٽ ٿورو عرصو هلڻ کان پوءِ ئي خراب ٿي ويا هئا،

جن جي مرمت لاءِ ڪيترائي سال گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي. شڪايتن باوجود موجوده حڪومت، سکر انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن به انهن فلٽر پلانٽن کي ٻيهر فعال ڪرڻ لاءِ ڪا به سنجيده ڪوشش ناهي ڪئي جنهن سبب ضلعي ۾ منرل واٽر جو ڪاروبار عروج تي پهچي ويو آهي.

شهري ۽ سماجي حلقن چيف جسٽس آف سنڌ هائي ڪورٽ سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آھي ته ڄاڻايل عمل جو فوري طور نوٽيس وٺي، عوام کي صاف پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاء ڪردار ادا ڪيو وڃي.

مَي 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو