ملير : گڏاپ جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي ٻن هفتن کان بند. پاڻي جي شديد کوٽ رھواسي پاران احتجاج
ملير (ڊر) گڏاپ جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي ٻن هفتن کان بند. پاڻي جي شديد کوٽ. رھواسي مين روڊن تي نڪري آيا. انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي.ڪي اليڪٽر انتظاميه قھر جھڙي گرمي ۾ گڏاپ جي ٻه سو کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بند ڪري ڇڏي. بجلي نه ھجڻ ڪري ڪاروبار سخت متاثر ٿي ويو
جڏھن ته ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران وڌي ويو. جنھن خلاف گڏاپ جا رھواسي گرڊ اسٽيشن گڏاپ آفيس اڳيان پھچي انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي. مظاھري جي اڳواڻي يوسي چئيرمين حاجي مبارڪ گبول سماجي اڳواڻ شڪور گبول سجاد علي احمد خان ۽ ٻين ڪئي.
ان موقعي تي مظاھرين چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه ھن قھر جھڙي گرمي ۾ ٻه سو کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بند ڪري ڇڏي آھي جنھن سبب سخت گرمي ۾ معصوم ٻارڙا مرد عورتون سخت پريشان آھن. جڏھن ته بجلي تي ھلندڙ ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿيو آھي ۽ ھاڻي ته گھرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي چڪي آھي.
ھنن انتظاميه کان گھر ڪئي آھي ته فوري طور گڏاپ جي ڳوٺن جي بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.
مَي 18, 2025