پاڪستان، چين ۽ افغانستان جا پرڏيهي وزير بيجنگ ۾ اهم ملاقات ڪندا

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سڀاڻي چين جي دوري تي بيجنگ پهچندو، جتي چيني پرڏيهي وزارت ۽ اسحاق ڊار وچ ۾ ڳالهيون ٿينديون.
افغانستان جو عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي 20 مئي چين پهچندو، پاڪستان، چين ۽ افغانستان جا پرڏيهي وزير بيجنگ ۾ ملاقات ڪندا.
ٽئي ملڪ گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ، سيڪيورٽي سهڪار ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪندا.
ملاقات ۾ پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ کانپوءِ خطي جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

مَي 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو