ڀارتي جارحيت کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ لاءِ بلاول جي سربراهي ۾ خاص ڪميٽي قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي جارحيت کي عالمي برادري سامهون اجاڳر ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو.
ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري تازي پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ کي ڏسندي وفد سان گڏ يورپ جو دورو ڪندو ۽ عالمي برادري کي ڀارتي جارحيت کان آگاهه ڪندو.
بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪميٽي ۾ خرم دستگير، حنا رباني کر ۽ جليل عباسي جيلاني شامل آهن.