پگهاردار طبقي تي ٽيڪس گهٽائڻ تي آءِ ايم ايف جو اعتراض، 700 ارب جا ٽيڪس لڳندا

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) 700 ارب رپين جا وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ مختلف قدمن تي غور شروع ڪيو آهي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال 2025-26 جي بجيٽ ۾ اضافي 700 ارب رپيا حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪس ۽ ان جي لاڳو ٿيڻ وارن قدمن تي ويچار ڪري رهيا آهن، 2 جون تي پارليامينٽ ۾ 2025-26 جي بجيٽ جي اعلان سان گڏ حڪومت آءِ ايم ايف کان پگهار دار طبقي، تمباڪو ۽ مشروبات جي شعبي لاءِ ٽيڪسن ۾ سڌارن جي درخواست ڪئي آهي، آءِ ايم ايف پگهار دار طبقي لاءِ ٽيڪس جي شرحن ۾ گهٽتائي تي اعتراض واريو آهي، جيڪڏهن 0.2 ملين کان 0.4 ملين رپين ماهوار آمدني رکندڙ وچولي طبقي لاءِ ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪئي وڃي ٿي ته ان صورت ۾ امڪاني وڌندڙ آمدني بابت پڇا ڳاڇا ڪئي آهي، تمباڪو جي شعبي ۾، (سگريٽ جي پيڪيٽ جي) گهٽ ۾ گهٽ قانوني قيمت (MLP)، جيڪا هن وقت 162.25 رپيا في پيڪيٽ آهي، ان ۾ اضافي جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت 80 سيڪڙو کان وڌيڪ برانڊز هيءَ قيمت يا ان کان ٿورو وڌيڪ تي وڪرو ٿي رهيا آهن،
مَي 18, 2025