پاڪستان جن طالبان لاءِ الزام برداشت ڪيا، اڄ اهي ئي اسرائيل ۽ ڀارت سان گڏ بيٺا آهن: خواجا آصف

Spread the love

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان جن طالبان لاءِ آمريڪا ۽ اولهه ملڪن جا الزام برداشت ڪيا، اڄ اهي ئي طالبان ڀارت ۽ اسرائيل سان گڏ بيٺا آهن.
پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته اهو مان نه پيو چوان، اهو پراوين ساهني چئي رهيو آهي، جيڪو ڀارتي ميڊيا جو آواز آهي.
سندس چوڻ هو ته سينيئر ڀارتي صحافي ۽ دفاعي تجزئي نگار چيو ته پاڪستان خلاف آپريشن سندور تي سڄي دنيا ۾ رڳو اسرائيل ۽ افغانستان ڀارت جي حمايت ڪئي.

مَي 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو