مشهور قانون دان صحبت علي لُنڊ پاران دوآٻو ڳوٺ جي لائبريري لاءِ 300 نوان ڪتاب عطيو، علم دوست قدم کي ساراهيو ويو،

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) مشهور قانون دان، ليکڪ ۽ سماجي شخصيت صحبت علي لُنڊ پنهنجي ساٿين سميت دادو ڀرسان ڳوٺ دوآٻو ۾ واقع مرحوم حافظ عبدالرحيم ميمڻ لائبريري جو دورو ڪيو، جتي هن علم جي واڌاري لاءِ هڪ مثالي قدم کڻندي لائبريري کي 300 نوان ڪتاب تحفي طور ڏنا

 ان موقعي تي صحبت لُنڊ سان گڏ موجود شخصيتن ۾ سينيئر وڪيل راشد حسين گھلو، رميش ڪمار مٽلاڻي، شاھزيب گوپانگ، عاشق حسين لُنڊ ۽ عمران علي گوپانگ شامل هئا،

 جن پڻ علم دوست ماحول کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو لائبريري جي دوري دوران مقامي معزز شخصيتون ساجد حسين ميمڻ (پي اي، ايس ايس پي دادو) ۽ محمد صديق ميمڻ (اسٽينو، سيشن ڪورٽ دادو) سميت ٻيا ڳوٺاڻا پڻ موجود هئا، جن آيل مهمانن جو والھاڻو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کين لائبريري جي ڪارڪردگي ۽ تاريخ بابت تفصيل سان آگاهي ڏني.

هي عطيو مقامي شاگردن، علم دوستن ۽ پڙهندڙن لاءِ علم جي اُڃ اُجهائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. مقامي ماڻهن، شاگردن ۽ استادن صحبت علي لُنڊ ۽ ساٿين جي هن علمي سهاري تي دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا ۽ ان قدم کي علم ۽ ادب جي واڌاري لاءِ هڪ سونهري قدم قرار ڏنو.

مَي 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو