ٺٽو: پاڪ فوج جي ڪاميابي تي مڪلي ۾ جشن فتح ريلي، ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي خوشي جو اظهار
ٺٽو(نظير احمد قريشي) پاڪستان پاران پاڙيسري دشمن ملڪ ڀارت کي سندس جارحيت خلاف منھن ٽوڙ جواب ڏيئي ڪاميابي ماڻڻ جي خوشي توڙي پاڪ فوج جي جوانن کي سندن ڪاميابي تي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاء مڪلي تي جشن فتح ريلي سيد فداحسين شاھ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر DETRC ٺٽہ ايٽ مڪلي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي ريسورس سينٽر ٺٽو جي اڳواڻي ۾ ڪڍي پاڪ فوج ۽ پاڪستان جي حق ۾ نعرا ھڻندي سيد فداحسين شاھ چيو تہ پاڪستان ڀارت کي اھڙو منھن ٽوڙ جواب ڏيئي کيس نقصان پھچائي ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا آھن جو ھو قيامت تائين ان کي ياد رکندو. ھن چيو تہ پاڪستان کي ڪير بہ ڪمزور نہ سمجھي،
باقي دشمن ملڪ ڀارت کي اڃان بہ جيڪڏھن جنگ جو شوق اھي تہ اسان جا پاڪستاني شاھين سندس ملڪ کي مڪمل طور مٽي جو ڍير بنائڻ لاء تيار اھن، جنھن ۾ ھنن کي دير بہ ڪونہ لڳندي.
ھن چيو تہ اسانجي پاڪ فوج دشمن ملڪ جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي وڏي سوڀ ماڻي وطن جي حفاظت لاء جيڪا بھادري ڏيکاري آھي، اھا ايندڙ نسلن لاء سونھري مثال آھي، ھن چيو تہ پاڪستان دشمن کي ڪنھن بہ اڳرائي جو منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ھن چيو تہ اسان پاڪ فوج سان گڏ آھيون، جن تي اسانکي فخر آھي، اسان پنھنجي ھيروز کي سلام پيش ڪريون ٿا.
مَي 17, 2025