سکر: عالمن پاران آپريشن “بنيان مرصوص” جي ڪاميابي تي پاڪ فوج کي خراج تحسين، دشمن جي سازشن خلاف قومي يڪجهتي جو عزم
سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر جي مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ نامور عالمن ڀارتي جارحيت خلاف آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
مشهور عالمن مفتي ابراهيم قادري، مولانا محبوب سهتو، قاري جميل بندھاني، مفتي سعود افضل هاليجوي، شڪيل احمد، خطيب الله ۽ ٻين مذهبي اڳواڻن سکر پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آپريشن “بنيان مرصوص” جي ڪاميابي ۽ دشمن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ تي پاڪ فوج کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. انهن ملڪ جي سالميت ۽ دفاع لاءِ قومي سلامتي ادارن سان مڪمل تعاون جو اظهار ڪيو، ۽ مستقبل ۾ فرقه ورانه هم آهنگي سان گڏ قومي اتحاد ۽ يڪجهتي لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏن عالمن چيو ته آپريشن “بنيان مرصوص” نه رڳو دشمن جي بڇڙن ارادن کي تباهه ڪيو پر قوم ۾ هڪ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو. هن چيو ته پوري مسلم قوم ۽ اقليتون، جن ۾ ملڪ جا عالم به شامل آهن، هميشه پنهنجي وطن جي دفاع ۾ اڳڀرا رهيا آهن ۽ هر نازڪ وقت ۾ پنهنجي پاڪستاني فوج سان گڏ بيٺا آهن. مفتي ابراهيم قادري چيو ته پاڪستان کي هن وقت جيڪي وڏا چئلينج درپيش آهن،
انهن ۾ تازو پاڪ-ڀارت تڪرار سڀ کان مٿي آهي. ڀارت بزدلي سان لائن آف ڪنٽرول تي اشتعال انگيز ڪارروائي ڪئي، پر پاڪستان جي بهادر فوجن دشمن کي مناسب جواب ڏنو، ان جي رافيل جيٽ جهازن کي ڪيرائي ڇڏيو ۽ ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون. هن چيو ته پوري قوم کي پاڪ فوج جي جرئت ۽ بهادري تي فخر ٿي ويو آهي،
۽ پاڪستان جو وقار سڄي دنيا ۾ بلند ٿيو آهي. قاري جميل بندھاني چيو ته جڏهن به پياري وطن کي خطرو ٿيو ته سڀني مڪتب فڪر جا ماڻهو متحد ٿي پاڪستاني فوج سان گڏ بيٺا. هن چيو ته جنرل عاصم منير جي اڳواڻي ۾ آپريشن “بنيان مرصوص” هڪ مثالي آپريشن ثابت ٿيو، جنهن ۾ دشمن کي صبح سوير سنت نبوي جي مطابق موثر جواب ڏنو ويو. پاڪستان فوج جي پيشيورانه صلاحيتن جو اعتراف سڄي دنيا ۾ ڪيو پيو وڃي.
مفتي سعود افضل هاليجوي چيو ته اسان کي پنهنجن دوستن ۽ دشمنن کي سڃاڻڻو پوندو. اسرائيل پاڪستان جو کليل دشمن آهي، ۽ اسان کي ان جي ارادن کان هوشيار رهڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستاني فوج لاءِ قوم جون دعائون، حمايت ۽ يڪجهتي هميشه قائم رهندي. مولانا محبوب سهتو چيو ته ڀارت مسجدن ۽ مذهبي هنڌن کي نشانو بڻائي مسلمانن کي ڀڙڪائڻ جي سازش ڪئي هئي پر عالمن صبر ۽ دانشمندي جو مظاهرو ڪيو ۽ منفي پروپيگنڊا کي ناڪام بڻايو. الله تعاليٰ پاڪستان کي اڳواڻ بڻايو، ۽ قوم هن ڪاميابي تي شڪرگذاري جو ڏينهن ملهايو،
شڪرگذاري جون نفلي دعائون ڪيون، قرآن جي تلاوت ڪئي، ۽ سڄي ملڪ ۾ دعا گهري. اتحاد ۽ ايڪتا ڪاميابي جي ڪنجي آهن. پريس ڪانفرنس جي آخر ۾، سڀني عالمن اهو ورجايو ته پاڪستان جا مسلمان هميشه اتحاد، ڀائيچاري ۽ ايڪتا سان پياري وطن جو دفاع ڪندا رهندا ۽ دشمن جي هر سازش کي ناڪام بڻائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.
مَي 17, 2025