سانگهڙ: هيموفيليا جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي آگاهي سيمينار، ڊپٽي ڪمشنر ۽ سول سرجن پاران علاج جون بهتر سهولتون مهيا ڪرڻ تي زور

Spread the love

سانگهڙ (رپورٽ:شاهنواز رونجهو) ضلعي انتظاميه جي ڪوشش آهي ته صحت کاتي سان گڏجي سانگهڙ جي عوام کي معياري علاج معالج  جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد اهڙن  خيالن جو اظهار  هيموفيليا  بابت  عالمي ڏهاڙي جي موقعي  تي سول اسپتال سانگهڙ ۾ منعقد  هڪ آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سول اسپتال سانگهڙ ۾ هيموفيليا جو وارڊ قائم ٿيڻ يقينن خوش آئند قدم آهي

  اسان سڀ گڏجي انهن ادارن کي مضبوط بڻايون ته جيئن علاج معالجي جون سهولتون آساني سان ميسر ٿين ۽ وڌيڪ کان وڌيڪ ماڻهو فائدو وٺي سگهن. واضح رهي ته سول  سرجن ڊاڪٽر آفتاب اعظم سريوال پاران سول اسپتال سانگهڙ ۾ هيموفيليا جي بيماري بابت هڪ آگاهي سيمينار جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ضلعي جي سياسي، سماجي، سول سوسائٽي ۽ واپاري برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي خاص دعوت ڏني وئي هئي. سيمينار ۾ خطاب ڪندي ڊاڪٽر آفتاب اعظم چيو ته هيموفيليا هڪ لاعلاج بيماري آهي،

جيڪا انساني جسم ۾ پروٽين جي گهٽتائي سبب پيدا ٿئي ٿي ۽ هلڪي زخم يا خراش  سبب به رت جو وهڻ بند نه ٿو ٿئي. هن چيو ته سنڌ ۾ هيموفيليا جي علاج لاءِ رڳو ٻه مرڪز موجود آهن هڪ ڪراچي ۽ ٻيو سول اسپتال سانگهڙ هن وقت سانگهڙ جي وارڊ ۾ 150 هيموفيليا جي مريضن جو مڪمل مفت علاج ڪيو پيو وڃي. مان سڀني مڪتب فڪر جي ماڻھن کي اپيل ڪريان ٿو ته پنهنجي علائقن ۾ هن وارڊ بابت وڌ کان وڌ آگاهي پيدا ڪن ته جيئن اسان هن بيماري تي ضابطو آڻي سگهون ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪري صحتمند زندگي گذاري سگهون.

 هن وڌيڪ چيو ته هي وارڊ هيموفيليا ويلفيئر سوسائٽي ڪراچي جي سهڪار سان قائم ڪيو ويو آهي. سيمينار ۾ آيل مهمانن کي روايتي تحفا اجرڪون ۽ چادرون پيش ڪيون ويون، ان موقعي تي هيموفيليا ويلفيئر سوسائٽي جي باني راحيل احمد خان، صدر انيس الرحمان ۽ ڊاڪٽر حراءُ پڻ خطاب ڪيو ۽ علاج جون سهولتون ۽ بهترين انتظامن تي ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد ۽ سول سرجن ڊاڪٽر آفتاب اعظم جي ڪم جي واکاڻ ڪئي.

مَي 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو