عمرڪوٽ ۾ يومِ تشڪر جي موقعي تي شاندار جشنِ پاڪستان ريلي، عوام پاران پاڪ فوج سان اظهارِ يڪجھتي
ڇور ( لالجي سوڍو ) عمرڪوٽ ۾ يومِ تشڪر جي حوالي سان ھڪ شاندار ۽ تاريخي “جشنِ پاڪستان ريلي” ڪڍي وئي، جيڪا ٿر بازار کان شروع ٿي، موتي چوڪ مان گذرندي پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين پھتي، ريلي ۾ مختلف سرڪاري ادارن، تعليمي ادارن، سماجي تنظيمن، واپڊا، صحت، ريونيو، ھينڊز ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي جي شروعات سخت گرمي باوجود ٻڪرا پڙيءَ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين ڪڍي وئي،
جنھن ۾ معصوم ٻارڙن، بزرگن، استادن، شاگردن، رينجرز جي جوانن، سماجي ڪارڪنن ۽ مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ شهرين قومي پرچم هٿن ۾ کڻي، “پاڪستان زندہ باد” ۽ “پاڪ فوج زندہ باد” جا نعرا هڻندي شرڪت ڪئي، شھرين طرفان رينجرز جي جوانن تي جابجا گل نڇاور ڪيا ويا، گلن جا ھار پارايا ويا،
سنڌي ثقافت اجرڪ ۽ لوئي جا تحفا ڏنا ويا، خاص طور تي رينجرز آفيسر ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ اعجاز علي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو تي شهرين پاران گل نڇاور ڪيا ويا ۽ محبت جو اظھار ڪيو ويو ريلي جي پڄاڻي تي پريس ڪلب عمرڪوٽ اڳيان به گل نڇاور ڪيا ويا،
پريس ڪلب جي مئنيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي ريلي جو استقبال ڪيو ۽ پاڪ فوج ۽ رينجرز جي حق ۾ نعرا هنيا، پريس ڪلب اڳيان تقريب جو باقاعدي آغاز تلاوتِ قرآن پاڪ سان ٿيو،
جنهن بعد مختلف مقررين پنهنجا خيال ظاهر ڪيا، مقررين ۾ ڊي ايس آر رينجرز اعجاز علي، اسسٽنٽ ڪمشنر رجب علي سٺيو، علامه ارشاد علي عرفاني (شيعه تنظيم ڪائونسل)، فقير محب منگريو (حر جماعت)، مولانا عبدالقادر جمالي، واپڊا جي احد سمو، پيپلز پارٽي سٽي صدر گھنشام بجير، ۽ هندو برادري سان واسطو رکندڙ نمائندن شرڪت ڪئي،
اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان جي جوانن چند ڪلاڪن جي جنگ ۾ مودي کي ڏينهن ۾ تارا ڏيکاري ڇڏيا، ۽ جيڪڏهن هاڻ به باز نه آيو ته ان لاءِ زمين تي لڪڻ جي جاءِ نه رهندي،
تقريب ۾ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، پاڪ فوج ۽ رينجرز جي قربانين کي ساراهيو ويو، ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، ريلي ۾ شامل ٻارن قومي پرچم لهرائي وطن سان محبت جو اظھار ڪيو، شھرين پاران گرميءَ سبب ريلي ۾ پاڻي جون بوتلون ورهايون ويون، يومِ تشڪر جي هيءَ ريلي عمرڪوٽ جي تاريخ ۾ ھڪ يادگار لمحو بڻجي وئي، جيڪا عوام جي ملڪ سان عشق ۽ محافظن سان وفاداري جو زنده مثال ھئي.
مَي 17, 2025