سيوهڻ ٽول پلازه ڀرسان حادثو، درگاهه سخي پاڻ سلطان جو فقير محمد بچل ملاح زخمي، اسپتال مان علاج بعد گهر منتقل

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)  سيوهڻ جي ٽول پلازہ ڀرسان  روڊ حادثو،  سيوھڻ جي دادو روڊ سيوھڻ انڊس هاء وي روڊ  تي ڳوٺ بچل چنا ٽول پلازه سيوھڻ جي ويجهو حادثو، ھڪ ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، موٽر سائيڪل سوار

سيوهڻ واسي سخي پاڻ سلطان درگاھ سيوھڻ جو فقير محمد بچل ملاح سخت زخمي ٿي پيو،  جنهن کي سيد عبدالله شاھ  انسٽيٽوٽ اسپتال سيوھڻ  منتقل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته زخمي ٿيندڙ سيوھڻ درگاھ سخي پاڻ سلطان جو فقير محمد بچل ملاح جو چوڻ ھئو تہ مان پنھنجي ٻچن جي ڪڪڙين جي فارم تي موٽر سائيڪل تي وڃي رھيو ھئس ته ٽول پلازه ويجھو ڳوٺ بچل چنه وٽ پويان ايندڙ تيز رفتار ڪار اچي مون کي ٽڪر ھنيون،

جنھن جي ڪري مان زخمي ٿي پيس، جڏھن ته منھنجو رابطو زخمي محمد بچل ملاح جي وڏي پٽ غلام مرتضی ا ملاح سان ٿيو ته ان جو چوڻ آھي ته بابا سائين اسان جي ڪڪڙين جي فارم تي اچي رھيو ھئو، ته تيز رفتار ڪار اچي کيس کي ٽڪر ھنيون،

بابا زخمي ٿي پيو بابا کي پيرن ۾ ڌڪ لڳا آھن، جڏھن ته ان ڪار وارن بابا سائين کي سيد عبدالله شاھ انسيٽيٽيوٽ اسپتال سيوھڻ پھچايو، ان کانپوء سيوھڻ اسپتال مان دوا وٺڻ کانپوء بابا جي طبيعت بھتر آھي، ۽ بابا ھاڻي گھر آھي.

مَي 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو