اسان پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريو، ڇا فوج خلاف ڳالهائيندڙن جو احتساب نه ٿيڻ گهرجي: ڊي ڊي آءِ ايس پي آر

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته هاڻ اسان کي بنيان مرصوص کي دهشتگردي ڏانهن موڙڻو آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر جي اسلام آباد جي شاگردن ۽ استادن سان خاص ويهڪ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ هن نوجوانن جي ملڪ لاءِ ڪوششن کي انتهائي اهم قرار ڏنو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي ۽ پاڪستان جي فتح حقيقت ۾ امن جي فتح آهي، جيئن شاگردن پاڪستان ۽ پاڪ فوج سان محبت جو اظهار ڪيو آهي، اهو ڏسي چئي سگهان ٿو ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي.
هن چيو ته جيڪي چوندا هئا فوج پنهنجو ڪم نه پئي ڪري، توهان انهن کان سوال ڪيو ته فوج پنهنجو ڪم ڪيو يا نه؟ ڇا اهڙن ماڻهن جو احتساب نه ٿيڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي فوج خلاف ڳالهيون ڪندا هئا.
سندس چوڻ هو ته فوج عوام ۽ عوام فوج سان گڏ آهي، هي نسل ۽ توهان کانپوءِ ايندڙ نسل به ملڪ جي حفاظت کان پوئتي نه هٽندو.
پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ نظر ايندڙ دهشتگردي پويان ڀارت آهي، اسان کي متحد ٿي هاڻ بنيان مرصوص دهشتگردي ڏانهن موڙڻو آهي، عوام ۽ فوج گڏ ٿيندا ته ملڪ ۾ ڪو دهشتگرد نه بچندو.

مَي 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو