قوم پاڪ فوج کي قومي ساک جو اصل نگهبان سمجهي ٿي: صدر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر فوج کي قومي عزت ۽ وقار جو اصل نگهبان سمجهي ٿي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، صدر گوجرانوالا ڇانوڻي جو دورو ڪيو، ساڻس گڏ وفاقي وزير گهرو محسن نقوي پڻ موجود هو.
صدر جي آمد تي آرمي چيف سندس آجيان ڪئي، صدر ” معرڪاءِ حق“ جي ڪاميابي ۾ پاڪستاني فوج جي مثالي پيشيوراڻن مهارتن ۽ اعلي ڪردار کي ساراهيو.
صدر آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات دوران سندن بلند حوصلي جي واکاڻ ڪئي.
صدر ”آپريشن بنيان مرصوص“ جي ڪاميابي تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏني ۽ قوم جي محافظن تي فخر جو اظهار ڪيو.
صدر چيو ته شهيدن جون قربانيون هڪ مقدس امانت ۽ قومي فخر جو سبب آهن، وطن جا هي سپوت قوم جي پائيدار جذبي سان سرشار ٿي رُڪ جي ڀت بڻيا، ۽ مادر وطن جي دفاع لاءِ مضبوط ارادي سان دشمن جي ناپاڪ عزم کي جرئت ۽ عملي مهارت سان ناڪام بڻايو.
صدر جو چوڻ هو ته تاريخ شاهدي ڏيندي ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ هٿياربند فوجن دشمن کي پوئتي ڌڪيو، هٿياربند فوجن پاڪستان جي طاقت، ثابت قدمي ۽ قومي يڪجهتي جو واضح پيغام ڏنو.
صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجي بهادر فوج کي قومي عزت ۽ وقار جو اصل نگهبان سمجهي ٿي.