ڀارتي جارحيت خلاف  عمرڪوٽ جي استادن پاران قومي يڪجهتيءَ جو مظاهرو، ريلي

Spread the love

عمرڪوٽ (ڊ ر) ڀارتي جارحيت خلاف قومي يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪندي، عمرڪوٽ ۾ استادن جي نمائنده تنظيم “پ ٽ الف” ۽ “باشعور استاد فورم” جي سڏ تي پاڪ فوج جي حمايت ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي، ريلي مسلم اسڪول کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين پُرجوش انداز سان جاري رهي،

جنهن ۾ استادن، شاگردن، تعليمي آفيسرن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي جي اڳواڻي استاد اڳواڻ مگهن مهر، خير محمد مهر، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر مرتضیٰ سهتو، ابراهيم بجير، ٽي اي او رامچند اوڏ سميت ٻين شعور مند استادن ۽ عملدارن ڪئي، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن قومي جذبي سان سرشار ٿي پاڪ فوج جي عظمت، قربانين ۽ بهادري کي ڀيٽا پيش ڪئي،

شاگردن قومي نعرا هڻي فضا کي گونجائي ڇڏيو ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي جارحانه پاليسين کي سخت لفظن ۾ رد ڪندي لعنتون موڪليون، پريس ڪلب اڳيان ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي سالميت ڏانهن ميري نظر رکندڙ قوتون خبردار رهن، ڇو ته پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ پنهنجي ڌرتي جي حفاظت لاءِ هر لمحي تيار بيٺي آهي،

اڳواڻن چيو ته پاڪ فوج صرف سرحدن جي محافظ نه، پر قوم جي وقار ۽ سلامتيءَ جي علامت آهي، جنهن دشمنن کي هميشه تاريخي شڪست ڏني آهي، اڳواڻن زور ڀريو ته هاڻوڪي دور ۾ تعليم ئي واحد هٿيار آهي، جنهن سان اسان پنهنجي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهون ٿا،

انهن والدين تي به زور ڏنو ته هو پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏين، ڇو ته پڙهيل لکيل سنڌ ئي سگهاري پاڪستان جي ضمانت آهي،

ريلي ۾ نند لال راٺوڙ، سروپ بجير، مشتاق مهر، فقير مير محمد، قاسم جوڻيجو، اميد علي مهر، حبيب الله ڪنڀر، مصطفيٰ جماڻي، پرڪاش منواڻي، همير بجير، الهڏنو بجير، غلام مصطفيٰ جوکيو، ڪمل سنگهه ۽ ڪيترن ئي ٻين قومي شعور رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي، هي ريلي نه فقط پاڪ فوج سان محبت جو اظهار هئي، پر اها عمرڪوٽ جي علمي، شعوري ۽ قومي هم آهنگيءَ جو روشن مثال به بڻجي سامهون آئي، جيڪا ثابت ڪري ٿي ته پاڪستاني قوم پنهنجي سپاهين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.

مَي 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو