سڪرنڊ واسي جوڙي نوشهري فيروز ۾عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو
نوشهرو فيروز (ڊر ) نوشهرو فيروز جي عدالت ۾ سڪرنڊ جي ڳوٺ مستي کوهي جي رهواسڻ رابعه لاکو رهواسڻ، ڪوٽ لالو جي رهواسي امتياز علي خاصخيلي سان پيار پرڻو ڪري ورتو. امتياز علي خاصخيلي ۽ رابعه لاکو نوشهرو فيروز جي جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ شادي ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي رضا خوشي سان شريعت محمدي مطابق پيار جو پرڻو ڪيو آھي
ان ڪري اسان جا مائٽ محمد نديم لاکو، رمضان لاکو، محمد امين، ڪامل لاکو، محمد صفرڈ ڪريم بخش لاکو، علي گوهر خاصخيلي، حاڪم خاصخيلي ۽ ٻيا جان جا دشمن بڻجي ويا آھن. ناري رابعه لاکو وڌيڪ ٻڌايو ته مان پنهنجي رضا خوشي سان شادي ڪئي آھي پر منهنجي مائٽن منهنجي سهري الهرکيو خاصخيلي تي قاضي احمد ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي ۽ وڌيڪ ڪيس داخل ڪرائڻ سميت ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن
جڏهن ته مان امتياز سان شادي کان اڳ ڪنواري هيس منهنجي مائٽن ڪامل لاکو سان ڪوڙو نڪاح ٺهرائي ڇڏيو آھي جنهن سبب اسان دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون مان وس وارن کي اپيل ٿي ڪيان ته ڪوڙا ڪيس ختم ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي جيئن سڪون جي زندگي گذاري سگهون.
مَي 17, 2025