مورو ويجھو ڳوٺ حاجي محمد ھاشم شاھي ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي ھاشم شاھي ڇھن سالن کان بند پيل

Spread the love

مورو ( رپورٽر ) مورو ويجھو ڳوٺ حاجي محمد ھاشم شاھي ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي ھاشم شاھي ڇھن سالن کان بند ۽ استاد نه ملڻ ڪري معصوم ٻارڙن جو مستقبل داءُ تيلڳل، والدين جو معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو اسڪول جي بلڊنگ، سھولتون ۽ استاد ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي

. ان موقعي تي غلام مصطفي شاھي، غلام حيدر شاھي، غلام شبير شاھي، غلام نبي، اقبال، غلام محمد شاھي ۽ شاگردن شاگردياڻين چيو ته ڳوٺ گذريل 6 سال کان اسڪول بند پيل آھي جنھن سبب بلڊنگ پڻ ناڪارا بڻجي وئي آھي ڀتيون ڊھڻ ۽ ڇت جا چاپڙ ڪرڻ لڳا آھن ۽ استاد نه ھجڻ سبب معصوم ٻارڙا تعليم جھڙي زيور کان محروم بڻيل آھن اسان سنڌ حڪومت، تعليم کاتي جي اعلي اختيارين، ڊي اي او، ٽي اي او سميت چونڊيل نمائندن کي لکت ۾ چيو آھ پر

تدارڪ نه ٿي سگھيو آھي ھڪ پاسي حڪومت جو نعرو آھي ته پڙھندي سنڌ تہ وڌندي سنڌ پر ھتي ان جي ابتڙ ھلي رھيو بايو ميٽرڪ سسٽم آڻي ڳوٺن جي تاريخي اسڪولن کي ختم ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آھي جيڪو عمل سراسر ظلم ناانصافي ۽ مستقبل جي معمارن کي تعليم کان محروم رکڻ آھي ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ مذڪورا معاملي جو نوٽيس وٺي اسڪول جي بلڊنگ، فرنيچر ٻيون سھولتون ۽ استاد ڏئي پريشاني مان ٻاھر ڪڍيو وڃي ٻي صورت سخت تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

مَي 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو