لاڙڪاڻي ۾ بااثر مائٽن جي مبينا ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو
لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي شهر جي سبزي منڊي ڳوٺ غلام ڀٽو جي رهواسين بااثر مائٽن جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت سهراب ڀٽو پنهنجي پيرسن امڙ ڪشمير خاتون، گهر واري سڪندر خاتون، ماسي شهمير، سئوٽ شيراز ڀٽو ۽ ٻين وارثن سان گڏجي دانهيندي چيو ته ڳوٺ ۾ اسان جي وڏڙن جي نالي تي زيتونن جا باغ، پلاٽ ۽ 5 هزار فوٽ جڳهه آهي
جنهن مان سئوٽ دلدار ڀٽو جو حصو 500 فوٽ آهي. هن الزام لڳايو ته ڳوٺ جي بااثرن دلدار ڀٽو ۽ ٻين ڄاڻايل جڳهه خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي اسان انڪار ڪيو جڏهن ته گذريل جنوري مهيني ۾ سئوٽ دلدار ڀٽو پنهنجي حصي ۾ آيل 500 فوٽ جڳهه ساڍا 10 لک روپين ۾ پنهنجي ويڳي ڀاءُ وزير علي ڀٽو کي وڪرو ڪري ڏني
جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ دلدار، دلاور، دلبر ۽ پنهنجي پٽن سان گڏجي اسان جي گهرن تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو اهڙي دانهن حيدري ٿاڻي جي پوليس کي ڏني پر پوليس ڪيس داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هينئر جوابدار ڌر وارا اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جيڪا وڏي زيادتي آهي.
هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته بااثر مائٽن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
مَي 17, 2025