ڀارت پهلگام واقعي تي پاڪستان مٿان مڙهيل الزامن جا ثبوت پيش ناهن ڪيا: برطانيا

پاڪستان جي دوري تي آيل برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي چيو آهي ته ڀارت پهلگام واقعي بابت پاڪستان تي مڙهيل الزامن جو ڪو به ثبوت پيش ناهي ڪيو.ڊيوڊ ليمي پهلگام ۾ ٿيل دهشتگرد حملو کي ڀوائتو قرار ڏنو ۽ چيو ته برطانيا هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ۽ متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪري ٿو.ان کان کانسواءِ هن چيو ته پاڪستان پڻ دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي ۽ اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته انتها پسنديءَ کي هٿي نه ملي.برطانوي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي قيادت جنگبنديءَ لاءِ متاثر ڪندڙ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ جنگبندي برقرار رکڻ لاءِ عالمي ڀائيوارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.ڊيوڊ ليمي چيو ته هو چئن سالن ۾ پاڪستان جو دورو ڪندڙ پهريون پرڏيهي وزير آهي ۽ پاڪستان سان ثقافتي، واپاري ۽ گڏيل لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندس.
مَي 16, 2025