سکر: سيپڪو سب ڊويزن ون جو بجلي چورن خلاف آپريشن، ڪيترائي غيرقانوني ڪنيڪشن ڪٽيا ويا
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر اليڪٽرڪ پاور سپلائي ڪمپني سب ڊويزن ون ۾ ايس ڊي او محمد عمر جي نگراني ۾ لاڳاپيل سب ڊويزن جي مختلف علائقن ايوب گيٽ، ٽڪر محلو، چاند مسجد پاڙو ، منور مسجد، ڀنگي پاڙو ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن ڪيو ويو،
ان موقعي تي يونين اڳواڻ شجاعت علي گھمرو، ابراهيم ڏھر ۽ ٻيا عملدار موجود هئا، آپريشن دوران ڪيترائي غير قانوني طور تي هلندڙ ڪنيڪشن ڪٽڻ سميت ڏنڊ لاڳو ڪيوويو جڏهن ته باقيدارن کي بل جي فوري ادائيگي جي هدايت ڪئي وئي، آپريشن دوران باقيدارن جا ڪنيڪشن به ڪٽيا ڪيا ويا.
ان موقعي تي ايس ڊي او سيپڪو سب ڊويزن ون محمد عمر جو چوڻ هو ته بجلي چوري جي اجازت ڪنهن به صورت ۾ نه ڏني ويندي ۽ ملوث ماڻهن يا عملدارن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن صارفين کي هدايت ڪئي ته هو سيپڪو جي بقاياجات ادائيگي کي يقيني بڻائين ته جيئن انهن کي بجلي جي فراهمي جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي.
مَي 15, 2025