سڪرنڊ ۾ مسيحي ۽ هندو برادري پاران پاڪ فوج ۽ پائلٽ ڪامران مسيح جي حمايت ۾ ريلي

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ جي مسيحي برادري هندو برادري سان گڏ پاڪ فوج ۽ پاڪستان جي بهادر پائلٽ ڪامران مسيح جي حمايت ۾ شاندار ريلي ڪڍي جيڪا قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ کان شروع ٿي پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هڻندي

سڪرنڊ پريس ڪلب پهتي جتي مسيحي برادري ۽ هندو برادري جي شخصيتن عابد مسيح , ظفر چوڌري , مومل , راجا ديوان ۽ ٻين الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني فوج هميشه پاڻ ملهايو آهي هنن چيو ته اسان کي پنهنجي اقليتي برادري جي پائلٽ ڪامران مسيح جي بهادري تي فخر آهي

 جنهن ملڪ خاطر پنهنجي جان جي پرواھ ڪرڻ کانسواء ڀارت کي ٽوٽا چٻايا هنن چيو ته پاڪ ڀارت جنگي محاذ کانپوءِ توڙي جو سيز فائر ٿي چڪو آهي پر دنيا آڏو پاڪ فوج جو ڪنڌ اوچو ثابت ٿيو ريليءَ ۾ اڳوڻي ناظم علي اصغر رند ، جاويد سومرو ، نور احمد رند ۽ اصغر انصاري سميت ٽائون ڪاميٽي جا ڪائونسلر پڻ شريڪ هئا.

مَي 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو