سڪرنڊ ۾ صحافين جي مان ۾ شاندار آجياڻي – منشيات خلاف گڏيل حڪمت عملي جو اعلان

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ اصلاحي فورم جي چيئرمين محمد صفر ملاح پاران سڪرنڊ جي صحافين جي مان ۾ شاندار آجياڻي جو اهتمام ڪيو ويو جتي ميزبان پاران آيل مهمانن کي اجرڪون اوڍايون ويون جهن بعد هن پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ چيو ته سڪرنڊ جي قلمڪارن کي هميشه حق سچ جو ساٿاري ٿيندي ۽ لکندي ڏٺو آهي

 ان ڪري دل چيو ته سندن حوصله افزائي تي کين مڃتا ملڻ گهرجي اصلاحي فورم هنن صحافين سان هر موڙ تي گڏ رهندو آجياڻي ۾ صدارتي تقرير ڪندي سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر مير محمد ڪيريو چيو ته ڪم ۽ ڪردار تي جيڪڏھن مڃتا ملي ته ڪم ڪرڻ ۾ وڌيڪ حوصلو ۽ اتساھ پيدا ٿيندو آهي

 مان سمجهان ٿو ته صفر ملاح ان تي عمل ڪري اسان جي حوصلن کي بلند ڪيو آهي هن اهو به چيو ته هڪ ڳالھ تي افسوس ٿئي ٿو جو تازو شهر ۽ آس پاس ۾ منشيات جو وڪرو ۽ واهپو ، جنسي اڏا ۽ جوا جا اڏا کلي چڪا آهن جن معاشري ۽ خاص ڪري نوجوان نسل کي خراب ڪري ڇڏيو آهي

 ان شاء الله جلد سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ سمورن صحافين جو گڏيل اجلاس گهرائي حڪمت عملي جوڙي ويندي تقريب کي سنڌ پريس ڪلب جي صدر نياز چانڊيو ، ميڊيا سينٽر جي صدر قربان عمراڻي ، مظهر سولنگي ۽ واحد بخش عمراڻي پڻ خطاب ڪيو ان موقعي تي عدنان خانزاده ، حاجي عبدالله مگسي ، راجڪمار اوڏ ، غلام نبي ملاح ، اعجاز ٻرڙو ، مير جلباڻي ۽ قاضي جاويد سنائي. عبدالغني مگسي پڻ موجود هئا.

مَي 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو