مٺي(ڊ-ر) ٿرپارڪر پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروايون، 600 آداب گٽڪو ۽ 220 ليٽر ديسي شراب هٿ، 2 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل

Spread the love

مٺي(ڊ-ر) ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ جي هدايتن تي ضلع ڀر ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروايون جاري آهن. ان سلسلي ۾ ننگرپارڪر پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او عملي سميت شراب جي بٺيءَ تي ڇاپو هنيو

 جتان جوابدار اشوڪ ولد هنسو ڪولهي رهواسي پورڻ واهه ننگرپارڪر کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار وٽان 220 ليٽر ديسي شراب هٿ آيو جوابدار خلاف پوليس اسٽيشن ننگرپارڪر تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

ٻئي پاسي ڏيپلو پوليس اسٽيشن جي حد ۾ انچارج سي آءِ اي ٿرپارڪر عملي سميت ڪارروائي ڪندي جوابدار ساجن نھڙي رهواسي سدوئي ڏيپلو کي گرفتار ڪيو جنهن وٽان 600 آداب گٽڪو هٿ ڪيو ويو

جوابدار خلاف به منشيات ايڪٽ تحت پوليس اسٽيشن ننگرپارڪر تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي پاسي ايس ايس پي ٿرپارڪر ڪامياب ڪاررواين تي  انچارج سي آءِ اي، ايس ايڇ او ۽ انهن جي ٽيمن کي شاباش ڏني.

مَي 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو